شُڌي سنگٺن تحريڪ

شُڌي/ سنگٺن تحريڪ: ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ پنڊت مدن موهن مالويه، لالا لجپت راءِ ۽ سوامي شرڌانند جي قيادت ۾ شروع ٿيڻ وارين تحريڪ کي سنگٺن تحريڪ ڪوٺجي ٿو. سنگٺن جي معنيٰ آهي: ’هڪ ٻئي کي مضبوطيءَ سان هلائڻ‘. هن تحريڪ جو مقصد هندن کي متحد ۽ مضبوط ڪرڻ هو. هندن کي اهڙي قسم جي هٿيارن جي تربيت ڏني ويندي هئي، جيڪي ويڙهه ۾ ڪم اچي سگهن. مثال طور: لٺيون ۽ سرن جا نوڪدار ٽڪرا وغيره. سنگٺن تحريڪ جو وڏو رهنما لالا لجپت راءِ هو. شڌيءَ جو مطلب آهي: پاڪ ڪرڻ، يعني اهي هندو، جيڪي اسلام قبول ڪري چڪا هئا، تن کي ٻيهر هندومت ۾ داخل ڪرڻ هو. شڌي تحريڪ 1923ع ڌاري شرڌانند انهن راجپوتن خلاف هلائي، جن اسلام قبول ڪيو هو. هن تحريڪ جو مقصد هندن کي واپس ساڳئي مذهب ۾ آڻڻ هو. راجپوتن جو تعداد لڳ ڀڳ 4 لک هو، جيڪي پهرين اسلام قبول ڪري چڪا هئا. هن تحريڪ سڄي هندستان ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سخت تلخي ۽ نفرت پيدا ڪئي. ٻنهي مذهبن جي پوئلڳن درميان تحريڪ خلافت دوران جيڪا اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي فضا پيدا ٿي هئي، سا ختم ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو